SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Natural Law

(click word to listen sound
  • 🔊
  • nætʃrəl
  • lɔː
  • )

From the Dictionary of Official Terms:

Natural Law

فطرت جو قانون


From the Dictionary of International Relations:

Natural Law

نيچرل لا

فطري قانون

عام ۽ روايتي انساني قانونن کان هٽيل ڪجهه اصولن جو اهڙو مجموعو، جيڪو فطري سرشتي تي مبني هجي ۽ انسان ۽ رياستون به انهن اصولن کي مڃين، جيڪي فطرت (خدا) جي وجود سان سلهاڙيل هجن. جيتوڻيڪ فطري قانونن جي تاريخ پراڻي ۽ بين الاقوامي قانون جي ابتدائي تشڪيل دوران به موجود هئي، پر ان جا ڪجهه اهڃاڻ، رومي سلطنت ۽ يوناني شهري رياستن جي تاريخ ۾ چٽا اچن ٿا. ان هوندي به 15 کان 17 صدي عيسويءَ دوران فطري قانون“ جو اثر سگهارو ٿيو. هن فڪري واٽ سان لاڳاپيل بين الاقوامي نظريي دانن ۾ ”وٽوريا“ (1546 – 480)، ”سوئا ريز“ (1761 – 1584ع)، جينٽلي (1608 1552ع) ”گروشس“ (1645- 1583ع) ”زوشي“ (1660- 1590ع) ۽ ’پوفينڊارف‘، (94- 1632ع) جا نالا تمام گهڻي اهميت رکن ٿا.اهي سڀ ناميارا محقق ان ڳالهه تي متفق هئا، ته بين الاقوامي سماج جو اصل روح حقن ۽ فرضن جي باهمي احترام واري بنيادي اصول تي بيٺل ۽ سرشتن جي ترتيب ۾ فطري طور سمايل هو. بهرحال فطري قانون جي ظاهري عالمگيريت پٺيان به مذهبي جذبا ۽ محرڪ موجود هئا جيتوڻيڪ بين الاقوامي قانون جو ابو 'گروشس' ان ڳالهه سان اختلاف ڪندي چوي ٿو ته فطرت جا قانون ڪنهن به ماورا هستيءَ توڙي خدا جا محتاج هرگز نه آهن. هن نظريي جو جوهر اهو هئو ته قانون جو بنياد انصاف جي آفاقي اصول تي ٻڌل هو. ان ڪري روايتن ۽ سماجي رسمن جي مٿان ترجيح رکي ٿو. انهيءَ ڪري ارڙهين ۽ اڻويهين صديءَ ۾ فطري قانون عيسائين کان سواءِ ڪنهن هنڌ موثر نه رهيو. سندس جڳهه تي ماڻهوءَ جو ٺاهيل قانون سگهارو بڻجي، قانون ۽ انصاف جو بُنيادي سرچشمو ٿي اُڀريو.جيتوڻيڪ ڪجهه مفڪرن. جهڙوڪ: بريئرلي ۽ لا ٽريئخٽ) فطري قانون کي بين الاقوامي قانون جو بُنياد بڻائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. بهرحال ان هوندي به اها حقيقت آهي ته فطري قانون وارو نظريو رياست ۽ فرد ۾ فرق نه رکڻ ڪري بين الاقوامي سماج جي رُڪنيت جي معاملي تي ڪجهه ڌُنڌلو ۽ منجهيل آهي. شايد انهيءَ ڪري اهو انساني حقن جي نظريي دانن ۽ اُنهن ماڻهن لاءِ ڪشش رکي ٿو، جيڪي حاڪميت (Sovereignty) کي بين الاقوامي تعلقات ۾ سماجي انصاف جي حاصلات واري رستي ۾ وڏي رڪاوٽ سمجهن ٿا.


Remember Me Also:

گهماٽي

ذ . مٿي ڦِرڻ واري حالت ، ڀنواٽي، ڦيري ، گُهمري.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal